اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ سدائين پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽ??يڊ??گ ٿيندي رهي آهي، ملڪ تاريخ جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، پئسي، اثررسوخ ۽ ڌوئنس جو ڪلچر تبديل ڪرڻو پوندو، مخالف ڌر وٽ موقعو آهي، اها سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران قانون جي حمايت ڪري، پئسي جي زور تي سينيٽ ۾ ايندڙ عوام جو نه پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت رٿ تي بحث دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ان معاملي جو هڪ قانوني ۽ ٻيو اخلاقي رخ آهي، ا??و معاملو عدالت ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هي ايوان جيڪو مٿيون ايوان آهي ۽ هتي ماضي ۾ سينيٽ جي اليڪشن جي حوالي سان جيڪي سوال ڪيا ويندا رهيا آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽ??يڊ??گ لازم ملزوم بڻجي وئي هئي، مخالف ڌر ميمبرن ان بابت هڪ لفظ تائين نه چيو. هن چيو ته جمهوريت ۽ جمهوريت جي طاقت پارليامينٽ هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙن ادارن ۽ خاص طور تي سينيٽ جي اليڪشن کي تڪراري بڻايو وڃي ته اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته اسان اهڙو ڪهڙو قدم کڻي سگهون ٿا جو هن ايوان جو تقدس بحال رهي. سينيٽ جون چونڊون سدائين تڪراري رهيون آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه جو داعي رهيو آهي ته هن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن نقصان پهچايو آهي. عالمي دنيا ۾ جن م??ڪن ۽ جمهوريتن ۾ ڪرپشن آهي اهي سڀ کان پٺتي آهن ۽ اهي ملڪ جتي جمهوريت مضبوط آهي ۽ اقتصادي ترقي آهي، اتي قانون جي حڪمراني اهو بنيادي جز آهي جنهن تي اهي عمل ڪن ٿا. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جو اهو ڪلچر بڻجي ويو آهي ته ڪرپشن کي ڪرپشن ئي نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ اڄ ان ڳالهه جو هتي به احساس ٿيو آهي ته ڪنهن ذڪر تائين ناهي ڪيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽ??يڊ??گ ٿئي ٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان ختم ڪئي وڃي ۽ ان بدران قانوني بحث ۾ الجهايو وڃي ٿو ته جيئن عوام اهو نه سمجهي سگهي ته هي رڳو قانوني معاملو آهي يا اخلاقي معاملو به آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اخلاقيات ۽ انهن قانونن تي جيڪي اسان جي زميني حقيقتن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن، ان تي قانونسازي نه ٿي ڪري سگهجي، اسان ڪهڙي اهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن تي مخالف ڌر کي اعتراض ٿي سگهي ٿو. مخالف ڌر پارٽين جن معاملن تي ميثاق جمهوريت تي اتفاق ڪيو ۽ ان جي شق 23 بلڪل ??اضح آهي ان تي انهن صحيحون ڪيون آهن. ڪهڙو سبب آهي جو 10 سال انهن ٻنهي پارٽين جون حڪومتون رهيون آهن پر انهن ان تي عملدرآمد نه ڪيو. ڇا اهو واجبي دستاويز هو ۽ ان تي عملدرآمد انهن جو مقصد نه هو يا هڪ طرح جو اقتدار ورهائڻ جو معاهدو هو. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ مخالف ڌر کي انصاف مليو آهي، هاڻي انهن کي عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران ان قانون جي حمايت ڪرڻ گهرجي. شبلي فراز چيو ته انهن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪو ڪجهه چئي رهي آهي ته ڇا اهو اخلاقي طور تي صحيح آهي يا نه، ڇا اها حقيقت نه آهي ته ملڪ ۾ سينيٽ جي اليڪشن ۾ خريد ۽ وڪرو ٿيندو آهي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه نه آهي ته بيشڪ ان جي مخالفت ڪريو، قانون جي حڪمراني تمام اهم آهي پر ان سان گڏ اخلاقي رخ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، قانون ۾ اخلاقيات، عالمي اصول ۽ زميني حقيقتون سڀ شامل هوندا آهن.
متعلقہ مضامین
-
CDA meeting discusess revenue streams, future strategies
-
PM Shehbaz addresses nation after Pakistan-India ceasefire agreement
-
Court issues non-bailable arrest warrant for Qaimkhani
-
Cango virus sterilisation starts in Hazara division
-
Pakistan ranked a poor 56th in Internet freedom among 65 countries
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین آفیشل گیم کی آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
جوکرز وائلڈ ریپوٹبل بیٹنگ سائٹ كا تعارف اور فائدے
-
لکی کاؤ انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ لنک کی خدمات اور مقاصد
-
ایم ٹی آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کا طریقہ
-
سمرفز ایپ ڈاؤن لوڈ لنک اور اس کے فوائد
-
Lucky Rabbit ایپ: تفریح کا نیا اور پرکشش پلیٹ فارم
-
سلاٹ مشین کے کھیل کی دلچسپ دنیا