صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ کان م??اثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏو چئلينج آهي، ان پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ان بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته 88 سيڪڙو متاثرين ۾ 25 هزار رپيا جي روڪ رقم ورهائي وئي آهي، گهرن جي نقصانن تي معاوضي جي ادائيگي جو ڪم به جلد شروع ڪي?? ويندو، علائقي ۾ بيٺل پاڻي فصل پوکيءَ جي لاءِ به استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. بلوچستان جي ٻوڏ کان م??اثر علائقي صحبت پور جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته ماڊل اسڪول جي پي سي ون ٺاهي وئي آهي، اسڪول کي جلد مڪمل ڪي?? ويندو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته اهو اسڪول قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏن?? ويو آهي، آگ??ٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جا بل متاثرين کان نه ورتا وي??، 25 هزار رپين جي روڪ رقم جي لاءِ 3 هزار 900 کان وڌيڪ خاندانن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي، اهو عمل ٿورو سست آهي جنهن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذميوارن کي به هتي گهراي?? ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته ٻوڏ کان م??اثر 5 ضلعن ۾ مشينري ڪم ڪري رهي آهي، وبائي مرضن کي روڪڻ جي لاءِ ا??پري ڪئي وئي آهي، 11 هزار 126 خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا وي?? آهن. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته فلڊ ريليف جو ڪم 88 سيڪڙو مڪمل ڪي?? ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته هائوسنگ جي حوالي سان م??اوضي جي ورڇ جو ڪم آخري مرحلن ۾ آهي، ان جي لاءِ انگ اکر هڪ هفتي ۾ مڪمل ڪيا ويندا. وزيراعظم ان موقعي تي آبادگارن کي ٻج جي فراهمي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ته ان جي لاءِ 16 ارب رپين جو پلان ٺاهي موڪلي?? ويو آهي، ان حوالي سان 25 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ اجلاس رکي?? ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته متاثرين ۾ هڪ لک کان وڌيڪ خيما ورهايا وي?? آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صحبت پور جو علائقو بلوچستان ۾ ٻوڏ کان بري طرح متاثر ٿيو آهي، هتي هر طرف پاڻي بيٺل آهي، پاڻي جي سطح گهٽ ٿي آهي پر اهو اڃا تائين موجود آهي. هن چيو ته متاثرين ۾ 25 هزار رپين جي ورڇ جو ڪم 86 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي، 5 ارب رپيا ورهايا وي?? آهن، اهڙي طرح انهن علائقن جي متاثرين کان 300 يونٽ تائين جي آگ??ٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جا بل انهن کان نه پيا ورتا وڃن. وزيراعظم چيو ته ٻجن جي ورڇ جو ڪم صوبن سان گڏجي شروع ڪي?? ويندو. متاثر علائقن ۾ پاڻي بيهڻ تي ڳڻتي آهي، ڇو ته ان سان بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون جنهن سان وڏي پئماني تي نقصان جو خطرو آهي، ان پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ انتظام ڪيو وڃي، ان تي ماهر ويهي ۽ طئي ڪن جيڪڏهن اهڙي طرح پاڻي بيٺل رهيو ته ان سان تمام وڏو نقصان ٿيندو. اين ڊي ايم اي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سان رابطو ڪري ان پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجون توانايون استعمال ڪري. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته 5 فلٽريشن پلانٽ به پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ لڳايا وي?? آهن. جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي متاثرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي به فراهم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته پٽ فيڊر ڪينال جي مڪمل طور تي مرمت ڪئي وئي آهي، 3 هزار ايڪوا ٽيبليٽ ۽ 70 هزار مهاريُون ورهايون ويون. مليريا جي شرح 80 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي، جڏهن ته ان ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين کي ريليف ۽ خيمن جي ورڇ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم کي ڪمشنر ٻڌايو ته پٽ فيڊر ڪينال سان گڏ پاڻي ڪڍڻ جو نظام به موجود آهي، جنهن جي ذريعي اهو بيٺل پاڻي ڪڍيو وڃي، جتي به گهارا پيا هئا، انهن کي بند ڪيو وڃي، ماڊل اسڪول جي جڳهه تان پاڻي ڪڍي?? ويو آهي. وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته ان اسڪول جو منصوبو هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم سان بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ بي اين پي جو اڳواڻ اختر مينگل به گڏ هئا.
متعلقہ مضامین
-
CUI, BBSUL sign milestone MoU
-
CS seeks detailed report on polio case in Badin
-
Sindh Govt spokesperson inaugurates newly built houses under PPRP
-
LHC CJ calls for ending strike culture among lawyer community
-
CJCSC stresses reciprocal steps for nuclear risk reduction in South Asia
-
Hula آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک - مفت ایپ ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
UN chief wishes speedy recovery for PM Nawaz
-
One killed in Kurram mine explosion
-
Babar Awan to represent PTI in Panamagate case
-
Dar for development in AJK
-
لکی ڈریگن کا آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک - Lucky Dragon Official Download Link
-
فلائٹ کنٹرول الیکٹرانکس گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی جدید خصوصیات