اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ويزن وچ ايشيا جي پاليسي تي گامزن ۽ ڪرغزستان سميت سمورين وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جو ??هر??ائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصب ارسلان ڪازاڪ بائيف سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل د??چسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ جهڙي عقيدي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمن ??ي ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير موجوده لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي مٽاسٽا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ اداراجاتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ باقاعدگي سان اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فلائيٽس جاري ڪرڻ جي حوالي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گوادر پورٽ جي ذريعي ڪرغزستان کي مختصر ترين واپاري رستي جي فراهمي جي لاءِ راضي آهي. پرڏيهي وزير توانائي منصوبو ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد پ??اڻ?? جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ۽ پاڪستان – چين – ڪرغزستان – افغانستنا، چار ڌريي ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ جي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ رابطن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ جي لاءِ مختلف رخن سميت ڪرغزستان ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل د??چسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمن ??ي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رابطن جو تسلسل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير ارسلان ڪازاڪ بائيف پرڏيهي وزير کي 82 هين پاڪستان قرارداد ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي 23 مارچ جي پريڊ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
CJP pension soars 327% in 14 years, Senate told
-
VC stresses ownership of institutional, provincial resources
-
Sun of Egypt official entertainment portal
-
UN urges Pakistan to resolve Afghan refugees status
-
Shahbaz not recovered by operation: report
-
Opposition demands accountability of PM, family within 3 months
-
Students stage protest over absence of teachers in govt schools
-
PML-N leads Kashmir polls; PPP rejects results
-
Schools reopen after summer vacations in Sindh
-
PPP adopts new strategy to strengthen party: Khuro
-
Kashmir remains closed for 111th consecutive day
-
ریسٹورانٹ کریز آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ